شوبز

پاڪستان ۽ ڀارت ۾ لاڳاپا بهتر ٿيندي نظر نٿا اچن: عفت عمر

پاڪستان جي سينيئر اداڪارا عفت عمر چيو آهي تھ مون کي پنهنجي زندگي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ لاڳاپا بهتر ٿيندي نظر نٿا اچن. يوٽيوب چينل تي ڏنل انٽرويو دوران ڳالهائيندي عفت عمر جو چوڻ هو تھ هن وقت ٻنهي پاسن کان نفرتون ايڏيون وڌي ويون آهن جو اتي ڪم جي آفر نھ ٿيندي. عفت عمر ٻنهي ملڪن جي سياسي ڇڪتاڻ وارين ڳالهين تي وڌيڪ تبصرو ڪرڻ بدران ميزبان پاران ان سوال تھ، ڇا اوهان کي بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي هئي، جي جواب ۾ چيو تھ بالي ووڊ تمام وڏي انڊسٽري آهي، پر مون اڄ ڏينهن تائين اتي ڪم ڪرڻ جي آڇ ناهي ٿي، جيڪڏهن ايندڙ وقت ۾ اهڙي آڇ ٿي تھ ضرور ڪم ڪنديس. هن چيو تھ شاهه رخ خان وڏي دل ۽ سوچ وارو انسان آهي، مان کيس وش ڪندي آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button