شوبز

حريم شاهه پاران رانا ثناءُ الله کي وڊيوز جاري ڪرڻ جي ڌمڪي

پاڪستان جي تڪرارن ۾ گهيريل رهندڙ ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس جي بحالي لاءِ وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله کي وڊيوز جاري ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق حريم شاهه انٽرنيٽ سروس بحال نھ ڪرڻ تان گهرو وزير کي ڌمڪي ڏئي سماجي رابطن واري پيج تي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي وئي، جيڪو 13 مئي واري ڏينهن بھ ٽاپ ٽرينڊ ئي رهيو آهي. دلچسپ ڳالهه آهي تھ ٽوئيٽر تان حريم شاهه 11 مئي تي رانا ثناءُ کي ڌمڪي ڏني ۽ 12 مئي تي انٽرنيٽ بحال ٿي وئي آهي، جنهن تي پڻ حريم شاهه جو عوام ٿورو مڃيو آهي. هوڏانهن ٽوئيٽر تي حريم شاهه وفاقي گهرو وزير کي ڌمڪي ۾ ڄاڻايل وڊيوز جي نوعيت بابت خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي ۽ اهو ناهي ٻڌايو تھ وڊيوز ڪهڙيون آهن، پر مداحن جي اڪثريت وڊيو ليڪ ڪرڻ جو مطلب ورتو آهي. حريم شاهه پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو تھ رانا جي انٽرنيٽ بحال نھ ڪئي تھ مان سموريون وڊيوز بحال ڪري ڇڏينديس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button