شوبز

ڪينز فلمي ميلي ۾ سروگيسي خلاف احتجاج، هڪ عورت گرفتار

دنيا جي تمام وڏن شوبز ايونٽن ۾ ڳڻيو ويندڙ ڪينز فلمي ميلي ۾ سروگيسي خلاف احتجاج ٿيو آهي، جنهن ۾ احتجاج ڪندڙ هڪ عورت کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ڪينز فلم فيسٽيول جي تقريبن دوران سروگيسي خلاف ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم جي هڪ ڪارڪن عورت احتجاج ڪيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ عورت اميد سان هجڻ سبب پنهنجي جسم تي سروگيسي خلاف نعرو لکي ريڊڪارپيٽ تي پهچي وئي، جنهن بعد ريڊ ڪارپيٽ تي عورت جي احتجاج سيڪيورٽي ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو، جن هڪدم عورت کي پڪڙي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. هوڏانهن احتجاج ڪندڙ عورت جي تنظيم جو چوڻ آهي تھ سروگيسي جا سمورا طريقيڪار ۽ ٿيندڙ عمل غير فطري آهن، هي عمل بنيادي طور تي عورت جو وڏو استحصال آهي، جنهن ۾ ٻھ ڌريون پاڻ ۾ معاهدو ڪري هي عمل ڪنديون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button