اسلام آبادپاڪستان

9 مئي واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي،عمران به ُپرتشدد واقعن جي مذمت ڪري:صدر

اسلام آباد: صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ انهن واقعن جي آزاداڻي جاچ ٿيڻ گهرجي. عمران خان کي اهڙن ُپرتشدد واقعن جي مذمت ڪرڻ گهرجي. ڪالهه خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته 9 مئي سانحي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ۾ انساني حقن جو خيال رکيو وڃي ۽ مارڪٽ کان پاسو ڪيو وڃي، جڏهن ته ڪو به احتجاج قانون جي دائري ۾ رهي ڪري ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته رضا رباني هن وقت فوجي عدالتن جي مخالفت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته ڪيس سول عدالتن ۾ هلايا وڃن، اها سٺي روايت آهي ۽ ان تي سياستدانن ۾ بحث ٿيڻ گهرجي. عارف علوي اهو به چيو ته عمران خان جي دور ۾ فوجي عدالتون غلط هيون پر سندس دور حڪومت کانپوءِ ڪيس سول عدالتن ۾ آيا. جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ به آرمي ايڪٽ جا ڪجهه فيصلا رد ڪري ڇڏيا، ان قانون تحت داخل ٿيل ڪيسن جي باري ۾ سياستدانن کي سوچڻو آهي. ملڪ جي صدر چيو ته دهشتگرديءَ جي ڪيسن جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ان قانون جو استعمال به غلط آهي، منهنجي خلاف ان ئي سيڪشن تحت ڪيس داخل ڪيا ويا، اميد آهي ته نئين حڪومت ان قانون جي صحيح استعمال جو تعين ڪندي. هن چيو ته هن وقت پارليامينٽ چئي رهي آهي ته سپريم ڪورٽ لاقانونيت پيدا ڪري رهي آهي جڏهن ته پوليس جي لاقانونيت به سڀني جي سامهون آهي. پاڪستان جي بقا جو سبب غريبن جو صبر آهي، جيڪي سڀ ڪجهه برداشت ڪري ملڪ جي ڀلائي جو سوچين ٿا، جيڪڏهن پاڪستان هيٺ آيو ته امير طبقو به ختم ٿي ويندو. صدر چيو ته عمران خان آرمي چيف جنرل عاصم منير جي مقرري جي خلاف نه هو، عمران خان چيو هو ته جنرل باجوه کي ٻڌايو ته جنهن کي ادارو آرمي چيف بڻائي، اُن کي قبول ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button