شوبز

والد ڏاڍو سخت آهي، اهڙو مڙس نٿي چاهيان: پرينيتي چوپڙا

بالي ووڊ جي تازو مڱڻي ڪندڙ اداڪارا پرينيتي چوپڙا چيو آهي تھ منهنجو والد مزاج ۾ انتهائي سخت آهي، تنهنڪري مون کي ان جهڙو مڙس نٿو گهرجي. ميڊيا مطابق عامر خان جي شو ۾ سندس سوالن جا جواب ڏيندي هن ٻڌايو تھ ماڻهن کان ٻڌو آهي تھ مان پنهنجي والد جهڙو مڙس چاهيان ٿي، جيڪا ڳالهه غلط آهي. هن ٻڌايو تھ منهنجي والد جو خيال آهي تھ مرد کي رڌڻي ۾ نھ وڃڻ کپي، اهو پنهنجا ڪم ڪري، جيڪڏهن گهر ۾ منهنجو ڀاءُ روئندو آهي تھ والد کيس ڇڙٻ ڏئي چندو آهي تھ ڇوڪرين جيان ڇو روئي رهيو آهين، شايد ڏوهه منهنجي والد جو ناهي، هو اهڙي ماحول ۾ وڏو ٿيو هوندو. هن چيو تھ مردن ۾ تمام گهڻو غرور هجي ٿو، چون ٿا هي ڪم عورتن جو آهي، هي مرد ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button