
بالي ووڊ جي ڪنگ آف رومانس شاهه رخ خان پٽ آريان جي منشيات ڪيس ۾ ان وقت جاچ ڪندڙ سي بي آئي آفيسر سمير وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي واٽس ايپ چيت ليڪ ٿي آهي. ميڊيا مطابق سمير پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل چيٽ ۾ شاهه رخ خان کيس والد هجڻ جو واسطو ڏئي قانون موجب پٽ آريان کي آزاد ڪرڻ جي درخواست ڪري ٿو، پر سمير لاچاري ڏيکاري پيو.