شوبز

سارا علي پاران ڀاءُ ابراهيم جي بالي ووڊ ۾ انٽري جي تصديق

بالي ووڊ جي اداڪارا سارا علي خان تصديق ڪري ڇڏي آهي تھ سندس ڀاءُ ابراهيم علي خان فلم انڊسٽري ۾ انٽري ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق پٽودي نواب سيف علي خان جي ڌيءَ جي بالي ووڊ ۾ ڪامياب انٽري بعد هاڻ سندس پٽ ابراهيم پڻ انٽري ڏني آهي، جنهن پنهنجي ڪيريئر جي پهرين فلم سرزمين جي شوٽنگ پڻ مڪمل ڪري ورتي آهي. سارا علي خان انڪشاف ڪندي ٻڌايو تھ ابراهيم پنهنجي پهرين فلم جي شوٽنگ مڪمل ڪئي آهي، هو شوٽنگ بعد گهر آيو تھ ان جا خوشي وارا جذبات ڏسڻ وٽان هو، سندس چهرو مسڪراهٽ سان ڀرپور هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button