شوبز

اننيا پانڊي جي بغاوت، باغي وارو ٽيٽو بھ ٺهرائي ورتو

بالي ووڊ جي اڀرندڙ نوجوان اداڪارا اننيا پانڊي پنهنجي مزاج ۾ موجود بغاوت واري عنصر کي چٽو ڪري ورتو آهي، جيڪو هن ٻانهن تي باغي وارو ٽيٽو بھ ٺهرائي اظهار پڻ ڪيو آهي. ميڊيا مطابق اننيا پانڊي پنهنجي هڪ ٻانهن تي هندي بدران اردو ۾ باغي جو ٽيٽو ٺهرايو آهي، جنهن جون تصويرون انٽرنيٽ تي هڪدم وائرل ٿي ويون آهن، جن کي مداحن تمام گهڻو ساراهيو آهي. هوڏانهن باغي لکيل ٽيٽو واريون تصويرون وائرل ٿي رهيون آهن ۽ هزارن جي تعداد ۾ اننيا پانڊي جي ساراهه ۾ ڪمنٽس اچي رهيا آهن. ياد رهي تھُ اننيا پانڊي فلم اسٽوڊنٽنس آف دي ايئر کان ڪيريئر شروع ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button