شوبز

اداڪاري ۾ ايوارڊ نھ ملڻ تي دل ٽٽي پوي ٿي: انوشي عباسي

پاڪستان جي مشهور اداڪارا انوشي عباسي ايوارڊ نھ ملڻ تي پنهنجي ڪيفيت مزاحيا انداز ۾ بيان ڪئي آهي، هن ٻڌايو تھ ڊرامي رقص بسمل ۾ ايوارڊ نھ ملڻ تي دل ٽٽي پئي، مان اڄ اهو ايوارڊ مومن ثاقب کان واپس وٺڻ چاهيان ٿي. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ رقص بسمل ۾ 6 ايوارڊ ملڻ کپن ها، ڇوتُھ عمران اشرف، مومن ثاقب ۽ محمود اسلم جهڙن ٽن وڏن مزاحيا اداڪارن سان ڪم ڪرڻ وڏو چيلينج هو. هن چيو تھ سنجيدا منظر شوٽ ڪرائيندي مومن ثاقب کي چوندي هئس تھ مون ڏي نھ ڏس ۽ نھ وري مون کي ڏسي کلي، ڇوتھ سنجيدگي ختم ٿي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button