شوبز

ميگهن مرڪل پاران هالي ووڊ ۾ 30 ملين ڊالر معاوضو وٺڻ جو فيصلو

برطانوي شهزادي هيري سان شادي رچائيندڙ اڳوڻي اداڪارا ميگهن مرڪل هالي ووڊ ۾ هڪ فلم ڪرڻ عيوض 30 ملين ڊالر معاوضو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميڊيا مطابق برطانوي شاهي خاندان ۾ شادي بعد فلمي دنيا کي ڇڏيندڙ ميگهن اوچتو ايوارڊ شو ۾ شرڪت بھ ڪري ورتي آهي. ان کان اڳ هالي ووڊ اداڪارا گائينيٿ پالٽرو جي مڙس بريڊ فالچڪ جي فلم ۾ ڪردار ماڻڻ لا بھ ميگهن مرڪل ڪوشش ڪئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ٽيلنٽ ايجنسي سان تازو معاهدو ڪرڻ وارو عمل بھ ميگهن مرڪل پاران هالي ووڊ ۾ واپسي جي هڪ ڪوشش آهي. هوڏانهن رپورٽ ۾ دعوا ڪئي وئي آهي تھ ميگهن وڏي بجيٽ واري فلم ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پئي، جنهن ۾ ڪردار ڪرڻ جا کيس 30 ملين ڊالر ملندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button