شوبز

ڪعبي جي اڳوڻي امام جي سعودي اشتهار ۾ اداڪاري

ڪعبي جو اڳوڻو امام شيخ عادل بن سالم بن سعيد الڪباني سعودي اشتهاري فلم ۾ اداڪاري ڪئي آهي. ميڊيا مطابق سعودي عرب ۾ رٿيل تفريحي ميلي رياض سيزن 2021ع ڪامبيٽ فيلڊ زون جي پروموش ۾ اڳوڻو امام شيخ عادل بن سالم بن سعيد الڪباني نظر ايندو. جڏهن تھ شيخ عادل بن سالم بن سعيد الڪباني کي وڊيو ڪلپ ۾ ڏسي ماڻهو حيران آهن، وڏي اڪثريت مٿس تنقيد ڪري رهي آهي. هوڏانهن ڪعبي جي اڳوڻي امام شيخ عادل بن سالم بن سعيد الڪباني سوشل ميڊيا تي مزاحيھ انداز ۾ ماڻهن کان سوال ڪيو آهي تھ اوهان کي ڇا ٿو لڳي، ڇا مان هالي ووڊ ۾ وڃي سگهان ٿو. هوڏانهن مداحن جي وڏي اڪثريت جو چوڻ هو تھ وڊيو ۾ اوهان جي موجودگي تي حيران آهيون، اللھ اوهان جي رهنمائي ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button