سنڌ

شڪارپور ضلعي ۾ 98 ڊسپلي سينٽر قائم ڪيا آهن:اليڪشن ڪمشنر

ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشن آفيس شڪارپور ۾ گڏجاڻي جي صدارت اليڪشن ڪمشنر شڪارپور حبيب الله جوڻيجو ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اليڪشن ڪمشنر چيو ته جنهن جي عمر 18 سال آهي اهي پنهنجو شناختي ڪارڊ ٺهرائن ۽ ووٽ داخل ڪرائن. هن چيو ته جيڪي ووٽر فوت ٿي چڪا آهن انهن جي تصديق ڪري ووٽ ووٽر لسٽ مان نالا خارج ڪرايا وڃن. اليڪشن ڪمشنر شڪارپور حبيب الله جوڻيجو چيو ته ضلعي شڪارپور ۾ رجسٽرڊ ووٽ جو تعداد 686280 آهي جنهن ۾ مرد ووٽر جو تعداد 318290 ۽ عورت ووٽر جو تعداد 367990 آهي پر اليڪشن ۾ ووٽ ڪاسٽ جو تعداد 50 سيڪڙو رهي ٿو. هن چيو ته ضلعي شڪارپور ۾ 98 ڊسپلي سينٽر قائم ڪيا آهن جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي ووٽ جي باري ۾ درستگي ڪرائڻي آهي ته اهي فارم 13 ڀري ڏيندا ۽ پنهنجي شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي ان ساڻ لڳائيندا ته ان جي درستگي ٿي ويندي. هن چيو ته 7 ڊسمبر کان ضلعي شڪارپور جي هر تعلقي ۾ ريلي ڪڍي عوام کي آگاهه ڪنداسين ۽ ووٽ جي اهميت بابت اجاگر ڪنداسين. هن چيو ته ضلعي ۾ اسانجون ٽيمون گهر گهر سروي ڪن پيون ۽ عوام کي اپيل آهي ته هو ٽيمن سان سهڪار ڪن ۽ پنهنجو قيمتي ووٽ داخل ڪرائن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button