سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال جي قتل خلاف مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ سنڌ نوجوان اتحاد پاران ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال جي قتل وارن واقعن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اتحاد جي چيئرمين اسلم تونيو، بلاول سومرو، عاقب ميمڻ، راحيل عباس ڪلهوڙو، دريا خان تنيو ۽ ٻين چيو ته سنڌ مقتل گاهه بڻجي چڪي آهي، هر طرف بدامني، خونريزي جو ماحول آهي، سنڌ جا وڏيرا، ڀوتار، سردار، جاگيردار ۽ بااثر ڏينهن ڏٺي جو سنڌ جي نوجوانن ۽ نياڻين کي بيدرديءَ سان قتل ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته ملير ۾ ايم پي اي عرب شڪارين سان گڏجي ناظم جوکيو کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪري ڇڏيو ته ٻئي طرف قمبر ويجهو خيرپور جوسو ۾ ايم پي اي گهنور خان اسراڻ جي پيءُ شهيد اسراڻ هٿياربندن سان گڏجي فهميده سيال کي قتل ڪري ڇڏيو، انهن انسان دشمنن خلاف اثرائتي ڪارروائي نه ٿي آهي جيڪا شهيدن جي خون سان وڏي ناانصافي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال جي قاتلن کي گرفتار ڪري سندن وارثن کي انصاف ڏياريو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button