پاڪستانخيبرپختونخوا

عمران خان جي گهٻرائڻ جو وقت شروع ٿي چڪو آهي: بلاول ڀٽو

نوشهرا:پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري وزيراعظم عمران خان کي خبردار ڪندي چيو آهي ته هاڻي گهٻرائڻ جو وقت شروع ٿي چڪو آهي، اسان جا جيالا اوهان جي گهر ۾ گهڙي اوهان کي سياسي شڪست ڏيندا ۽ عوامي چونڊيل حڪومت قائم ڪري رهندا. خيبر پختونخوا جي شهر نوشهرا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته نوشهرا جي عوام کان پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا توهان کي تبديلي پسند آئي؟ هن حڪومت ۾ لکين ماڻهن کان روزگار کَسيو ويو، هيءَ حڪومت نوجوانن کي روزگار ڏيڻ بدران انهن کان روزگار کَسي رهي آهي. بلاول ڀُٽو زرداري چيو ته هاڻي عمران خان جي گهٻرائڻ جو وقت شروع ٿي چڪو آهي، تير ڪمان مان نڪري چڪو آهي، جيالا ان جي گهر ۾ گهري کيس شڪست ڏيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button