سنڌ

درگاهه گل محمد شاهه بخاري جي قبرستان تي قبضي خلاف احتجاج

تنظيم اصلاح الفقراءِ حسينيه نقشبنديه جي ضلعي صدر حافظ گل حسن جتوئي حسيني تنظيم جي اڳواڻن سيد عبدالغفور شاهه، حافظ غلام علي، مولوي غلام سرور سومرو ۽ ٻين سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان جي مرشد سيد غلام حسين شاھه بخاري قمبر واري جي والد حضرت گل محمد شاهھ بخاري جي درگاهھ تعلقي ميروخان جي ڳوٺ ڊرٻ چانڊيو ۾ واقع آهي، جنهن جي قبرستان تي ڪجھه بااثر ماڻهن روينيو عملدارن جي ملي ڀڳت سان قبضو ڪيو آهي، قبضو ڪندڙن قبرستان ۾ موجود قديمي قبرن کي مسمار ڪري مٽي ڪڍرائي اتي فصل پوکڻ سان گڏ مڇي جا تلاءُ ٺاهي ڇڏيا آهن. قبرن مان هڏا ڪڍي ڪيترن دفن ٿيل بزرگ هستين جي قبرن جي بيحرمتي ڪئي آهي، جنهن عمل کي ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هنن چيو ته ڄاڻايل قبرستان جو پراڻو سمورو رڪارڊ موجود آهي. هنن چيو ته ميروخان تعلقي جي مختيارڪار پاران قبضي بابت تيار ڪيل رپورٽ مان مطمئن ناهيون. هنن چيو ته قبرستان تي قبضي ۽ قديمي قبرن جي بيحرمتي واري عمل سبب جماعت جي دل آزاري ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button