
پاڪستان جي مشهور جوڙي جويريا عباسي ۽ شمعون عباسي جي ڌيءَ عنزيلا عباسي اعتراف ڪيو آهي تھ والدين شوبز ۾ هجڻ سان اوهان کي رڳو موقعا ملندا آهن، پر ڪم جاري رکڻ صلاحيتن تي ٻڌل آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو تھ انڊسٽري ۾ اچڻ بعد ڪم صلاحيتن آڌار ٿيندو آهي، اسٽار ڪڊ ٻار کي ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوي ٿي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو تھ اداڪار والدين جي اولاد هجڻ ناتي ذهن ۾ ڪجهه خراب نھ ٿي پئي جو خوف ٿئي ٿو. هن چيو تھ منهنجي والدا جو بهترين ڪم ٿيل آهي، تنهنڪري منهنجي آڏو ان جو نالو هر وقت ايندو رهندو آهي.