شوبز

ماڻهو وساريو ڇڏين تھ انسان آهيان، چٿرن سان ٽٽي پوان ٿي: سني ليون

بولڊ فلمن مان بالي ووڊ ۾ اچي جڳهه ٺاهيندڙ اداڪارا سني ليون انڪشاف ڪيو آهي تھ شايد ماڻهو وساري ڇڏيندا آهن تھ مان بھ انسان آهيان ۽ چٿرن سان اندر ۾ ٽٽي پوندي آهيان. ڪينز ۾ فلم چارلي جي پريميئر بعد ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي سني ليون چيو تھ اسين ڄاڻون ٿا جيڪي ماڻهو مسڪراهٽ ۽ ٽهڪن ۾ لڪندا آهن، اصل ۾ اهي ذرن ۾ ٽٽندا وڃن ٿا، اهڙي صورتحال مان مان گذري آهيان، مان ماڻهن جي اها ڪيفيت سمجهي سگهان ٿي، تنهنڪري چارلي ۾ منهنجو ڪينڊي وارو بھ ڪردار چڱي طرح سمجهي ويس ۽ ان کي نڀايو آهي.

ڪينز فلمي ميلي ۾ فوٽوڪال سيشن ۾ سني ليون روايتي انداز ۾ سلام ڪندي

هن چيچو تھ سالن دوران مون سان جيڪو ٿيو، جهڙا تبصرا ڪيا ويا، ماڻهو سمجهن ٿا تھ مان صفا ٺيڪ آهيان، پر ائين ناهي، انسان هجڻ ناتي اهو سڀ مون کي متاثر ڪندو آهي. هن چيو تھ انوراگ سر چارلي ۾ ڪردار لاءِ فون ڪئي، جنهن جي ان فون ڪال منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي، انورا راگ سر مون کي تمام گهڻو احترام ڏنو آهي، ان جي ڪري اڄ هن مقام تي آهيان. هن چيو تھ مون ڪيترن سالن کان آڊيشن نھ ڏنو هو، پر چارلي مان پاڻ هجڻ سبب ڪردار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button