ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي اڏاوت

Editorial

سنڌ ۾ گذريل سال آيل ٻوڏ سبب جيڪي ماڻهو متاثر ٿيا آهن، انهن جي حالت اڃا به بهتر ڪونه ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو اڃا به پريشان حال آهن. بيمارين ۽ اڻپوري خوراڪ جي ڪري ٻوڏ متاثر هن وقت تائين سرڪار تائين پنهنجو آواز پهچائڻ لا ڪئين ڪوششون ڪندا رهيا آهن پر اڃا تائين انهن کي اهي گهربل سهولتون ڪونه ملي سگهيون آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻوڏ متاثرن لا ڪروڙين رپين جي امداد ملي هئي پر ان امداد جي ورڇ به بهتر نموني ڪونه ٿي سگهي. نتيجي ۾ نه رڳو انهن جي معاشي حالت خراب آهي پر اهي پنهنجن اجهن ۾ به بهتر زندگي ڪونه پيا گذارين، جڏهن ته ٻوڏ جي صورت ۾ پهرين ترجيح متاثرن جي هر قسم جي سهائتا ڪرڻ هوندو آهي، گهرن جي اڏاوت کان وٺي، کاڌ خوراڪ فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ نيول چيف آف اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سانگهڙ ها اسڪول جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد شاهه چيو ته ڪو دور هو جو سانگهڙ ۾ پ پ جا ڪارڪن ڊڄندي ڊڄندي ايندا هئا، پر بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي سياسي دانشمندي سبب اڄ پ پ ضلعو سانگهڙ فتح ڪري ورتو آهي. اسان ضلعي جا روڊ رستا اهڙا ٺهرايا آهن، جيڪي سڄي ملڪ ۾ ڪنهن به ضلعي اندر ناهن، اڇڙي ٿر ۾ پاڻي ۽ سولر سسٽم جي فراهمي يقيني بڻائي آهي، ضلعي ۾ آبپاشي جي پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪئنالن جي لائيننگ تي پڻ ڪم هلي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت محدود وسيلن باوجود ماڻهن جي زندگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، اسان ضلعي جي عوام جا به ٿورائتا آهيون، جنهن اسان کي ايتري محبت ڏني. هن چيو ته سنڌ حڪومت 6 ارب رپين جي لاڳت سان صوبي اندر ٻوڏ سبب متاثر ٿيل 20 لک گهرن جي تعمير شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته اسڪولن جي بحالي جو ڪم پڻ هلي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته ٻوڏ سبب صوبي جا 50 سيڪڙو اسڪول متاثر ٿيا آهن. تقريب کي خطاب ڪندي نيول چيف آف اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي چيو ته پاڪستان جي پرائمري تعليم سڄي دنيا ۾ بهترين تعليم آهي، اعلى تعليم ۽ سائنسي تحقيق تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته اسان تحقيق کانسواءِ ترقي نٿا ڪري سگهون.
اسين سمجهون ٿا ته ٻوڏ متاثرن لا جيڪي گهر اڏڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انهن کي ترت مڪمل ڪيو وڃي ۽ ان ۾ ڪابه دير نه ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته هاڻ ٻوڏ متاثرن کي سال ٿيڻ وارو آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان اهم ڪم ڏانهن سنجيدگي سان ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن ٻوڏ متاثرن جي رهائش جو مسئلو حل ٿي سگهي ۽ اهي وڌيڪ دربدر ٿيڻ کان بچي پون. پر اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن لا رکيل پئسا انهن تي خرچ ڪرڻ ۾ ڪا ڪوتاهي ڪونه ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button