ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي پارٽيءَ کي تاريخي صدمو

Editorial-Article- Mohammad Khan Sial

اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سربراهه عمران خان جي پارٽيءَ کي “تاريخي صدمو” پهتو آهي. ظاهري طور، سندس پارٽيءَ جي ڪيترن اهم اڳواڻن جي استعيفائن جو سلسلو جاري آهي. ملڪي حالتن کي ڏسجي ته اها عام نه پر خاص خبر آهي. اسان کي اڳتي هلي اهو ڏسڻو پوندو ته پارٽيءَ جي استعيفائن جو اهو سلسلو ملڪ جي فائدي ۾ به آهي يا نه؟
ميڊيا جي خبرن موجب تحريڪ انصاف جي سينيئر نائب صدر فواد چوڌري، اسد عمر ۽ عثمان ترڪئي، پارٽيءَ کان راهون ڌار ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته 9 مئي وارن واقعن کي ڪنهن به شرط کانسواءِ ننديون ٿا ۽ عارضي طور سياست کان پاسيرو ٿي رهيو آهيان. هن اهو به چيو ته پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي چڪو آهيان ۽ عمران خان کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته اڊيالا جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته 9 مئي تي فوجي اڏن تي حملو دکدائڪ آهي، واقعن ۾ شامل جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. اهڙين حالتن ۾ اڳواڻ طور ذميواري نٿو کڻي سگهان، ان ڪري پارٽيءَ جي اهم ترين عهدي تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان.
ٻئي طرف پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ عثمان ترڪئي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو آهي. اربع تي پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ جي ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ شامل ماڻهن کي سزا ملڻ گهرجي. ان موقعي تي عثمان ترڪئي چيو ته پيپلز پارٽي ۾ اچي کيس ايئن لڳي رهيو آهي ته جيئن مان پنهنجي گهر موٽي آيو آهيان. هن ٻڌايو ته ان جو ۽ سندن گهرڀاتين جو پاڪستان پيپلز پارٽي سان پراڻو لاڳاپو آهي.
عمران خان جي پارٽيءَ جي اهم عهديدارن جو پارٽي ڇڏڻ، هروڀرو ناهي پر کين پارٽيءَ خلاف کوڙ شڪايتون آهن. انهيءَ ڪري اهي پارٽي ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. پر کين پارٽيءَ کي هاڻي نه پر اڳ ڇڏڻ گھرجي ها. منهنجي ڇنڊڇاڻ موجب عمران خان اقتدار دوران عوام سان وڏو ظلم ڪيو ۽ هاڻي به سکڻا بيان ڏئي عوام کي اجايو متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اها وڏي بدقسمتي آهي ته عمران خان خلاف 127 ڪيس داخل آهن پر پوءِ به کيس هڪ اڌ ڏينهن گرفتار ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته ظاهري طور ملڪ جي اهم عدالت سپريم ڪورٽ جو سربراهه سندس فائدي ۾ بيان ڏئي ٿو. بهرحال، ليکڪ طور اسان جو تبصرو اهو آهي ته ملڪ جو فائدو انهيءَ ۾ آهي ته عمران خان سرڪار کان مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪجي، جنهن ۾ ملڪ جو فائدو سمايل هوندو.
ٻئي طرف، عمران خان جو عوام ۾ ڪهڙو رويو رهيو آهي، تنهن سلسلي ۾ هڪ اخبار تازو خبر ڇاپي آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران جي تقرير دوران بجلي هلي وئي ته سندس واتان گاريون نڪتيون. عمران خان ڊجيٽل ميڊيا ۾ تقرير ڪري رهيو هو ته اوچتو بجلي هلي وئي ۽ اوندهه ڇانئجي وئي. انهيءَ دوران عمران خان جي واتان گاريون نڪتيون. ٿوري دير کانپوءِ بجلي اچي وئي ته عمران خان تقرير جاري رکي. جڏهن عمران خان ملڪ جو وزيراعظم بڻيو هو ته هو پاڻ ۽ سندس عهديدار مخالفن کي کليوکلايو گاريون ڏيندا هئا، جن ۾ ڪراچيءَ ۾ سندس پارٽيءَ جا ڪيترا عهديدار به شامل هئا ۽ ان وقت به اهڙيون خبرون تفصيل سان ڏنيون هئم.
ٻئي طرف، سنڌ جي وڏي وزير جي انويسٽمينٽ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت خاص مددگار سيد قاسم صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي سياست ۾ ڪو به گھوٽالو پيدا نه ٿيو آهي، عمران خان جي سياست هاڻي دهشتگرديءَ ۾ بدلجي ملڪي سلامتيءَ لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي، جنهن ڪري عمران خان جو هاڻي ڪو به مستقبل نظر نٿو اچي. عمران خان سياسي اڳواڻ کان ڇوٽڪارو، ملڪ جي اهم فائدي ۾ آهي. سندس رويي توڙي عام حالتن مان ائين لڳي ٿو ته هو ظاهري طور اقتدار ۾ وري ڪونه ايندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button