ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

برما جا خط ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد

Editorial-Article- Rauf Nizamani

برما جي سياسي اڳواڻ آنگ سان سوئي ڪوئي اهڙي سياسي اڳواڻ آهي جنهن کي فوجي آمريت خلاف ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لا ڪيل جدوجهد جي ڪري نوبل انعام ۽ انساني حقن جي تنظيمن پاران مختلف ايوارڊ به مليا آهن. هڪ لحاظ کان برما کي به ننڍي کنڊ جي سياسي ڪلچر جو ئي هڪ حصو ڪري ليکي سگھجي ٿو. اهو هڪ ڊگھي عرصي تائين برطانيا جي قبضي ۾ رهيو آهي. ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته ڀارت، پاڪستان، بنگلاديش ۽ سري لنڪا جيان هتي به هڪ لحاظ کان موروثي سياست رهي آهي.
آنگ سان سوئي ڪوئي جي پي کي آزادي جي اهم اڳواڻن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. کيس آزادي کان اڳ سندس هڪ سياسي مخالف مارائي ڇڏيو هو.
نومبر 1995 ۾ هن جپان جي هڪ اخبار ۾ هفتيوار ڪالم لکڻ شروع ڪيا. هن هڪ سال ۾ ڪل ٻاونجاهه ڪالم لکيا جيڪي پو Letters From Burma نالي ڪتاب جي صورت ۾ شائع ٿيا. انهن ڪالمن جو مقصد ماڻهن کي برما جي سياسي صورتحال کان آگاهي ڏيڻ هو. پر ليکڪا ان ۾ ملڪ جي ثقافت، مذهبي ڏڻ، حڪومت جي پاليسين ۽ ٻين گھڻن موضوعن تي خيال آرائي ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته ان سان سياست جو هڪ انساني پاسو سامهون اچي ٿو جنهن کي ڏيکارڻ ضروري آهي.
برما ۾ 1962 کان مختلف صورتن ۾ فوج جي حڪومت رهي آهي. آنگ سان سوئي ڪوئي جي اڳواڻي ۾ قائم ٿيل نيشنل ليگ فار ڊيموڪريسي عدم تشدد تي ٻڌل جمهوري جدوجهد جي حوالي سان برما جي هڪ اهم جماعت آهي جنهن کي وڏي پئماني تي عوامي حمايت حاصل آهي. اها جماعت لاڳيتو فوجي جنتا سان ٽڪرا ۾ رهي آهي.
ان جماعت جي هڪ اهم خاصيت اها رهي آهي ته اها نه رڳو سياست پر ثقافتي ۽ مذهبي تقريبن جي حوالي سان به ماڻهن سان شامل رهي آهي. برما جي ماڻهن جي گھڻائي جو مذهب ٻڌمت آهي ۽ ان حساسيت جو خيال رکندي نه رڳو پارٽي سطح تي مختلف مذهبي ڏڻ ملهائبا آهن پر ليکڪا پاڻ به بکشوئن سان لاڳاپي ۾ رهندي آهي ۽ مذهبي جاين تي ويندي آهي. ساڳي وقت هو پاڻي جي ڏڻ جهڙا مختلف تهوار ملهائيندي آهي ۽ انهن ۾ شريڪ به ٿيندي آهي.
پارٽي جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گھڻو رياستي تشدد سهڻو پيو آهي ۽ گھڻن جي ان جي ڪري موت به ٿي آهي.
ملڪ ۾ نالي ۾ ته صحت جون سهولتون مفت آهن پر اسپتالن جو حال اهو آهي ته اتي دوا ۽ ٻين ضروري شين جو مريض کي پاڻ بندوبست ڪرڻو پئي ٿو جيڪو هڪ غريب جي پهچ کان ٻاهر آهي. جڏهين ته هاڻي نجي شعبي کي اجازت ڏيڻ جي ڪري سرندي وارن ماڻهن لا اهو ممڪن ٿي ويو آهي ته اهي پنهنجي مرضي جو علاج ۽ سهولتون حاصل ڪري سگھن.
هڪ ڊگھي عرصي تائين گھر ۾ نظربند رهڻ کانپو کيس 1995 ۾ آزاد ڪيو ويو. پر ساڳي وقت هراسمينٽ ۽ پابندين جو سلسلو جاري رهيو. ان جي باوجود هن هڪ هفتيوار سلسلو شروع ڪيو جنهن ۾ ماڻهن پاران مختلف سوال ۽ مسئلا سندس آڏو پيش ڪيا ويندا هئا ۽ ان تي پنهنجو موقف پيش ڪندي هئي. ان ۾ ماڻهن جو وڏو تعداد باقاعدگي سان شريڪ ٿيندو هو.
جنتا پاران جيڪي چونڊون وغيره ڪرايون ويون انهن ۾ اها ڪوشش ڪئي ويئي ته هو ڪنهن اهم عهدي تي نه هجي. پر سندس جماعت جي حڪومت ۾ هو 2016 کان 2021 تائين اسٽيٽ ڪائونسلر جي عهدي تي رهي جيڪو پرڏيهي وزير ۽ وزير اعظم جي برابر هو. 2021 ۾ فوج کيس اقتدار تان هٽائي هڪ ڀيرو ٻيهر فوج پاڻ اقتدار سنڀالي ورتو.
آنگ سان سوئي ڪوئي جي ڪوشش اها رهي ته ملڪ ۾ ٿورائي وارا نسلي گروپ جيڪي پنهنجن حقن لا جدوجهد ڪري رهيا آهن انهن سان هڪ مفاهمت واري پاليسي اختيار ڪئي وڃي. پر هو اهو سڀڪجھه روهينگا ماڻهن جي حوالي سان نه ڪري سگھي ۽ ان سلسلي ۾ جنتا سان گڏ ٿي بيٺي جنهن جي ڪري سندس عالمي شهرت ۽ وقار متاثر ٿيو ۽ کيس انساني حقن جي گھڻن ايوارڊن کان محروم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button