ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

انقلابي ناٽڪ جو انت

Editorial-Article- Ajaz Mangi

مرحوم رسول بخش پليجو کي سنڌي پهاڪا خصوصي طور تي پسند هئا. هو پنهنجي تحريرن، تقريرن ۽ ليڪچرن ۾ انهن پراڻن پهاڪن جو بهترين استعمال ڪندو هو. هن جي ڪجهه پسنديده پهاڪن مان هڪ پهاڪو اهو به آهي ته ”ماما وارن جو مرڻ ڏسي اسان جو مرڻ تان ارواح ئي کڄي ويو.“
اهو پهاڪو هن مهل ان سياستدان مٿان منڊيءَ جي ٽڪ وانگر ٺهي رهيو آهي، جيڪو ڪجهه وقت اڳ پاڪستان جو سڀ کان سگهارو سياسي اڳواڻ سمجهيو پئي ويو. جڏهن ته اڄ اسان کي عملي طور تي اهو سمجهايو پيو وڃي ته هن جي حقيقت سڪي مٽيءَ جي ان مٺ جيتري هئي، جنهن جي لاءِ هلڪي هوا به ڪافي هوندي آهي.
بلها شاهه چيو آهي:
”ڪي پڇندان ئين ذات بلهي دي
لپ مٽي، ٻڪ ڇائي هو….!!“
هن وقت عمران خان لاءِ اهو زمان پارڪ هڪ قيد تنهائيءَ وارو جيل بڻجي ويو آهي، جيڪو ڪالهه تائين هن جو سياسي قلعو هو.
عمران خان جيڪو ڪالهه تائين پنهنجن دوستن جي فخر جي نشاني هو، اڄ پنهنجن دشمنن لاءِ به افسوس جي علامت بڻجي ويو آهي. ڪنهن اهو سوچيو به نه هو ته عمران خان جو اهڙو انت به ايندو؟
سياست ۾ تنهائي ايندي آهي. تمام گهڻي تنهائي ايندي آهي. پر جيڪا تنهائي عمران خان جي حصي ۾ آئي آهي ۽ جهڙي طرح سان آئي آهي، ان عمران خان جي شخصيت ۽ هن جي سياست کي عبرت جي علامت بڻائي ڇڏيو آهي.
عمران خان هن وقت پاڪستان جي سياسي اسٽيج جو اداس ۽ اڪيلو اداڪار بڻجي ويو آهي. ان تبصري جو مطلب اهو هرگز نه سمجهڻ گهرجي ته ڪو اسان جي قلم ۾ اهڙي ڪدورت اچي وئي آهي، جهڙي نون ليگين ۽ زرداري زادن ۾ آهي. اسان ته عمران خان جي ان ڪوڙي نقاب لهڻ تي اطمينان جو اظهار ڪري رهيا آهيون، جيڪو هن پاڪستان جي ڪروڙن ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ پاتو هو. هن پنهنجي مٿان جنهن انقلابي ميڪپ جا تهه چاڙهيا هئا، اهي جڏهن هاڻي پريشان حالتن سبب وهندڙ پگهر ۾ لهي رهيا آهن، تڏهن هن جي اها اصليت پڌري ٿي رهي آهي، جيڪا ڪجهه وقت اڳ تائين پوشيده هئي.
عمران خان ائين آهي، جيئن هن جا سياسي مخالف! معنيٰ هو به نواز شريف ۽ آصف زرداريءَ جيان آهي. جيڪڏهن زوريءَ ۽ زبردستيءَ ڪو فرق تلاش ڪجي ته هو پنهنجن مخالف سياستدانن جو بهتر روپ چئي سگهجي ٿو. اهو چئي سگهجي ٿو ته هو ڪرپٽ ۽ اقتدار پرست سياستدانن ۾ ڪجهه بهتر هو. پر ان جو مطلب اهو نه هو ته عمران خان هڪ نئون ۽ عظيم پاڪستان ٺاهي رهيو هو. هو ڪنهن به طرح سان ڪو انقلابي نه هو. هن جا نعرا ڪوڙا ۽ هن جون دعوائون دوکو هيون.
عمران خان پاڻ کي سون سمجهندو هو ۽ هن جو موقف هو ته هن جا سمورا مخالف پتل جا ٺهيل آهن. پر جڏهن هو به تيزابي عمل (Acid Test) مان گذريو ته هن جي حقيقت به پڌري ٿي پئي ۽ اهو ثابت ٿي ويو ته هو به پتل جو آهي. هن پنهنجي مٿان سون جو پاڻي چاڙهيو هو. هن پنهنجي قد ڪاٺ ۽ صحت شهرت جي ڪشش ۾ پنهنجو اهو سياسي ڪچ لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جيڪو هاڻي پڌرو پٽ ٿي پيو آهي.
عمران خان سان اهو حشر ڇو ٿيو؟ ڇا ان جو سبب اهو آهي ته هن اسٽيبلشمينٽ سان پنجو اٽڪايو؟ بلڪل. ان جواب تي ته هرڪوئي اتفاق ڪري رهيو آهي. پر سوال اهو آهي ته عمران خان ۾ اها سچائي نه هئي، جيڪا آزمائش جي مرحلن ۾ ڪم ايندي آهي. جيڪڏهن عمران خان ۾ سچائي هجي ها ته هن جا ويجها ساٿي هن کي اهڙي ريت اڪيلو ڪندا نه وڃن ها. هن کان الڳ ٿيندڙ هن جا جهونا دوست اسان کان وڌيڪ هن جي اصليت کان آگاهه هئا. انهن کي معلوم هو ته عمران خان هر عام سياستدان وانگر اقتدار پرست، خود پرست ۽ خوف جو ماريل سياستدان آهي.
ان حقيقت کان انڪار ڪير ٿو ڪري ته عمران خان مشهور نه هو يا نه آهي؟ عمران خان تمام گهڻو مشهور هو ۽ تمام گهڻو مشهور آهي. هو زيڊ اي ڀٽو کان پوءِ پاڪستان جو مشهور سياستدان ٿي سامهون آيو. پر سياست جي شعبي ۾ شهرت ضروري هوندي به سڀ ڪجهه نه هوندي آهي. عمران خان کي سمجهڻ کپندو هو ته مشهوري کي بنياد بڻائي ڪڏهن به انقلابي سياست ڪري نه ٿي سگهجي.
انساني تاريخ ۾ انقلابي تحريڪن جا ٻه بنياد رهيا آهن. هڪ نظريو ۽ ٻيو ڪردار!!
عمران خان پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ٻڌائي ته ڇا هو انهن ٻنهي شرطن تي پورو لٿو آهي؟ هن مهل تائين ڪيترا نظريا تبديل ڪيا آهن؟ هو جيڪو ”نئون پاڪستان“ ٺاهڻ نڪتو ۽ جنهن ”رياست مدينا“ قائم ڪرڻ جي هام هنئين. ان جو پنهنجو ڪردار ڪهڙو هو؟ ڇا هو پنهنجي حڪومت ۾ پاڻ کي پروٽوڪول جي سونن زنجيرن مان آجو ڪري سگهيو؟ ڇا هن نئين پاڪستان جي تعمير جي هڪ سر به رکي؟ هو جيڪو بينظير ڀٽو جي ڪاپي ڪندي پنهنجي هٿ ۾ سدائين تسبيح کڻي هلندو هو، هن جي روحاني زندگيءَ جي اصليت عوام جي آڏو ڪنهن نه ڪنهن طور تي ايندي رهي. ڇا ڪوئي چئي سگهندو ته رياست مدينا کي قائم ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ پاڻ هڪ عابد ۽ زاهد شخص آهي؟
عمران خان جنهن ڪم سان سچو نه هو، ان ڪم ۾ هن جو هٿ وجهڻ غلط هو. هن کي ان غلطيءَ جي سزا به ملي رهي آهي. هن کي جيڪا به سزا ملي آهي، اها ڪوڙي سياست جي حوالي سان ملي آهي. ڇو ته هن جي تقريرن ۽ هن جي بيانن تي هن ملڪ جا لکين ماڻهو دلي جي حضور سان اعتبار ڪندا هئا. اهوئي سبب هو ته هن جا سياسي پوئلڳ هن جا سياسي حامي گهٽ ۽ هن جا عقيدت مند وڌيڪ بڻجي رهيا هئا. عمران خان پاڪستان جي سياست ۾ هڪ عقيدت پسند فرقو ٿي اڀري آيو هو. اهوئي سبب هو ته جنهن شخص کي هن جا حامي پهرين پنهنجو ڪپتان سڏيندا هئا، ان کي پوءِ هو پنهنجو مرشد چوڻ لڳا.
اهو هڪ دوکو هو. هڪ فريب هو. اها هڪ اداڪاري هئي. جيڪا گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪوئي اسٽيج ناٽڪ ايترو ته زبردست هوندو آهي جو تماشائي ان کي حقيقت سمجهڻ لڳندا آهن. عمران خان جو سياسي شو به ڪجهه اهڙو بڻجي ويو هو. پر هاڻي جڏهن پردو ڪريو آهي ۽ هال جون لائيٽون روشن ٿيون آهن. تڏهن ان حقيقت جو ادراڪ ٿيو آهي ته اهو ڪجهه سچ نه هو. اهو ڪجهه سپنو هو. اهڙي سپني ٽٽڻ تي ڪنهن کي افسوس جو حق به حاصل ٿي سگهي ٿو. ڪوئي اياز جي انهن لفظن ۾ پنهنجي افسوس جو اظهار ڪري سگهي ٿو ته:
”هي سڀ سپنو هو
ها پر سپنو سانوري
ڪيڏو پيارو هو“
عمران خان جو سياسي سپنو پنهنجي منطقي انجام کي پهتو. سياسي ناٽڪ جا تماشائي آلين اکين سان هال مان ٻاهر نڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button