
انگلينڊ جي ڪرڪيٽرن آمريڪا ميجر ليگ ڪرڪيٽ خاطر ملڪي بورڊ جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڇڏڻ جي تياري ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق انگلش ڪرڪيٽرن جيسن روئي، ريس ٽوپلي، هيري بروڪ سميت 6 اهم رانديگر ميجر ليگ کيڏڻ جو رٿي ورتو، تنهنڪري اهي سينٽرل ڪانٽريڪٽ نھ وٺي رهيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي باقي رانديگر بھ آمريڪي ليگ جو انتظار ڪندي ڪانٽريڪٽ وٺڻ کان لنوائڻ لڳا آهن.