
پاڪستاني ماڊل نمرا جيڪب پاران مرد ماڊل حسنين لهري تي هراسان ڪرڻ يا تشدد جا الزام لڳائڻ بعد هڪ ساٿي ماڊل زارا پيرزادا سندس حمايت ۾ ميدان تي اچي وئي آهي. ميڊيا مطابق زارا پيرزادا جو چوڻ آهي تھ مهرباني ڪري ريمپ تي واڪ لاءِ تشدد پسند مرد ماڊلز کي نھ گهرائڻ بند ڪيو وڃي. هن چيو تھ عورت ماڊلز تي تشدد وقت انتظاميا مداخلت ڪري روڪي.