
پاڪستاني اداڪارا اشنا شاهه پنهنجي شادي واري لباس تي ٿيندڙ تنقيد جي ردعمل ۾ چيو آهي تھ منهنجي شادي جي لهنگي تي تنقيد مون ملڪ دشمن ۽ ڀارتي ڪنوار بڻائي ڇڏيو آهي. ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ مداحن کي لڳو تھ ڄڻ اهو لهنگو مون کي ڀارت جي مودي سرڪار ڏياري موڪليو آهي، پر هتي تھ منهنجي ماءُ سميت سڀ عورتون شادي تي ڳاڙهي رنگ وارو لباس ئي پائينديون آهن. هن چيو تھ مون رڳو چولي منفرد پاتي هئي، ان تي هار بھ هو، شايد ان ڪري ئي تنقيد ڪئي وئي. هن ٻڌايو تھ مڙس سان ملاقات ٽئين شخص ڪرائي، بعد ۾ اسان ملياسين ۽ پيار بعد شادي ڪري ڇڏي.