شوبز

سجل علي ڊرامي مين منٽو نهين هون ۾ منفرد انداز ۾ نظر ايندي

پاڪستان جي معصوم چهري واري اداڪارا سجل علي ڊرامي مين منٽو نهين هون ۾ منفرد انداز ۾ نظر ايندي. ميڊيا مطابق پاڪستان جي تڪرارن کي پيدا ڪرڻ ۾ مشهور ليکڪ خليل الرحمان سجل علي جي تصديق ڪئي آهي. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ خليل الرحمان قمر ٻڌايو تھ منهنجي ايندڙ پراجيڪٽ مين منٽو نهين هون ۾ همايون سعيد ئي مک ڪردار ڪندو. هن جو چوڻ هو تھ مون کي پراڊڪشن اختيارين روڪيو آهي تھ مان اهو نھ ٻڌايان تھ عورت جو مک ڪردار سجل علي ڪندي. هوڏانهن ڊرامي ۾ همايون سعيد کي ڪردار ڏيڻ تي مداحن جي وڏي اڪثريت ناراض هجڻ جو تاثر ڏيندي ردعمل ۾ چيو آهي تھ همايون سعيد ۽ عدنان صديقي کان وڌيڪ بهترين اداڪار موجود آهن، هي ڪردار انهن کي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button