رانديون

پاڪستان جونيئر هاڪي ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو

پاڪستان جي ٽيم جونيئر هاڪي ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پهچي وئي آهي ۽ ملائشيا کي 2 گولن جي ڀيٽ ۾ 6 گولن تان شڪست اچي وئي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان جي جونيئر هاڪي ٽيم وڏي عرصي بعد شاندار فارم ـ رڌم سان کيڏندي اڳتي آئي آهي، جنهن ٽورنامينٽ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ پاڪستاني ٽيم ملائشيا کي شڪست ڏئي فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي. هوڏانهن ڀارتي ٽيم وري ڏکڻ ڪوريا کي هڪ گول جي ڀيٽ ۾ 9 گولن تان هارائي فائنل ۾ پهتي آهي. جڏهن تھ  پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ٽرافي لاءِ ويڙهه ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button