شوبز

ناديا افغان جي ٻانهن تي جاپاني ٽيٽو بحث شروع ڪرائي ڇڏيو

پاڪستان جي مشهور سينيئر اداڪارا ناديا افغان جي ٻانهن تي جاپاني ٽيٽو بحث شروع ڪرائي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ناديا افغان جي جاپاني ٻولي ۾ لکرايل دلچسپ ٽيٽو جي وڊيو پڻ سماجي رابطن واري پيج تي شيئر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي بحث دوران مداح واضع نموني سان ٻن راين ۾ ورهائجي ويا آهن. مداحن ان معاملي کي حرام ۽ هلال جي پسمنظر ۾ پڻ ڏٺو آهي. جڏهن تھ ڪجهه مداحن ساراهه بھ ڪئي آهي. هوڏانهن ٽيٽو ٺاهيندڙ آرٽسٽ ٻڌايو تھ هي جاپاني ٻولي جا لفظ اڪي گئي آهي، جنهن جو مطلب زندگي معنيٰ سان ڀرپور يا زندگي جو قدر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button