شوبز

زرپاش چغتائي پاران وار وڏا ڪرڻ لاءِ ڳاڙهن مرچن جو استعمال

پاڪستان جي مشهور بلاگر زرپاش چغتائي پاران وار وڏا ڪرڻ لاءِ ڳاڙهن مرچن جو استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق سماجي رابطن واري پيج تي چمڪدار وارن سان وڊيو شيئر ڪندي زرپاش چغتائي اهم ڄاڻ فراهم ڪئي آهي، جنهن ۾ کيس وارن جي صحت جي حوالي سان ڄاڻ فراهم ڪئي وئي آهي، وڊيو ۾ زرپاش وارن جي سنڀال لاءِ ڳاڙهن مرچن ۽ ٻين جڙي ٻوٽين جو ماسڪ تيار ڪيو، جنهن کي پسند ڪرڻ سان گڏ مداحن جي وڏي تعداد ترڪيب تي خدشن جو اظهار ڪندي سوال بھ ڪيا ۽ گڏ خدشن جو پڻ اظهار ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button