
پاڪستان جي مشهور اداڪارا سجل علي هڪ اسڪولي ٻارڙي جا وار سنوارڻ ۾ مصروف ٿي وئي آهي، جنهن تي سندس تعريف ٿئي پئي. ميڊيا مطابق سجل علي اسڪول جي دوري دوران هڪ معصوم ٻارڙي جي سادگي ۽ معصوميت ڏسي ان سان گڏ وڃي ويٺي ۽ ساڻس نھ رڳو ڪچهري ڪئي، پر هن ان ٻارڙي سان گڏ پٽ تي ويهي ڪجهه وقت پڻ گذاريو آهي. سجل علي ان ڇوڪري سميت سمورن ٻارن کي پنهنجي دل جي ويجهو قرار ڏئي کين اتساهه پڻ ڏنو آهي.