پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا عليزي شاهه منسا تي تشدد جي الزامن جي وضاحت ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق عليزي شاهه بلاگر عائشا جهانگير جي جهيڙي بابت پوسٽ شيئر ڪري مداحن کي ڳالهه جي ٻئي رخ جي ڄاڻ ڏني آهي. عائشا جهانگير پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو آهي تھ، گمنام ذريعن ٻڌايو تھ سيٽ تي اداڪارا منسا ملڪ اڳرائي ڪري پهرين عليزي شاهه کي ٿڦڙ هنئي، جنهن بعد جهيڙو ٿيو، عليزي سڀني سامهون بيعزتي باوجود ڪم مڪمل ڪرڻ بعد واپس گهر وئي هئي. هن ٻڌايو تھ عملو ۽ ساٿي فنڪار عليزي شاهه سان گڏ آهن. هوڏانهن عليزي شاهه عائشا جهانگير جي پوسٽ تي تبصرو ڪندي لکيو تھ، سچ ڪڏهن بھ لڪندو ناهي، هميشا ٻي ڌر جو موقف ٻڌڻ بنا هر ڳالهه تي يقين نھ ڪرڻ گهرجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close