
بالي ووڊ جي ڇيان ڇيان فيم گرل ملائڪا اروڙا انڪشاف ڪيو آهي تھ ارباز خان هيري جي منڊي سان مون کي شادي لاءِ آڇ ڏني هئي. سوشل ميڊيا تي هڪ ڀيرو ٻيهر ملائڪا اروڙا جي هڪ پراڻي انٽرويو جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ اها اڳوڻي مڙس ارباز خان سان پنهنجي پيار جي ڪهاڻي فخر سان بيان ڪري رهي آهي. انٽرويو ۾ ملائڪا اروڙا ٻڌايو تھ ارباز خان سان پهرين ملاقات ڪافي برانڊ جي شوٽنگ دوران ٿي ۽ اتي اسان هڪٻئي کي پسند بھ ڪيو. هن چيو تھ ارباز کي تيز بخار جو ٻڌي سندس گهر ويس تھ هن اتي ئي منڊي ڏئي شادي جي آڇ ڪئي. هن چيو تھ اسان جي پسند محبت ۾ بدلي اڳتي هلي شادي ۾ تبديل ٿي وئي هئي.