شوبز

ماورا جو منهن تي مٽي ملي ڇڏ وارو ڊائيلاگ ڇائنجي ويو

پاڪستان جي مقبول اداڪارا ماورا حسين جي ڊرامي نوروز ۾ سندس هڪ ڊائيلاگ مٽي ملي ڇڏ، نھ تھ دنيا وارا ماس پٽي کائي ويندءِ وارو ڊائيلاگ شوبز دنيا سميت مداحن ۾ ڇائنجي ويو آهي. ميڊيا مطابق ڊرامي نوروز جي منفرد ڪردار ۾ ماورا جي اداڪاري مداحن کي موهي ڇڏيو آهي ۽ ساٿي اداڪارن سميت سوشل ميڊيا تي مداح سندس تعريف ڪري رهيا آهن. ڊرامي جي ڪردار کي نڀائيندي ماورا حسين ڪچري جي ڍير تي ننڊ ڪندي نظر ايندي آهي، سندس منهن تي مٽي ملڻ ۽ گند جي ڍير مان مان ماني ڳولي کائڻ وارا منظر رڪارڊ ڪرائي پنهنجي صلاحيتن کي بلندين تي هجڻ ثابت ڪرايو آهي.

ماورا حسين جو ڊرامي مان ورتل منظر

ماورا حسين پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ ٻڌايو تھ نوروز جي ڪردار کي پڙهي مون سمجهيو اهو نھ ڪري سگهنديس، تنهنڪري هدايتڪار کان مشورو ورتو، جنهن چيو تھ ڪجهه نھ ڪر بس شوٽنگ ڪرائي ڇڏ، تنهنڪري اداڪاري ڪردار کي لازوال بڻائي ڇڏيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button