اسلام آبادپاڪستان

اڱاري تي ملڪ گير احتجاج جو اعلان

اسلام آباد:مرڪزي آرگنائيزيشن آف ٽريڊمين آف پاڪستان جي صدر محمد ڪاشف چوڌري مهانگائي، بجلي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ظالماڻي واڌ خلاف 29 آگسٽ تي ڪراچي کان خيبرپختونخوا تائين ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته سرڪار قوم ۽ واپاري برادري کي سخت ذهني مريض بڻائي ڇڏيو، احتجاج باوجود جيڪڏهن حڪمرانن جي ڪنن تي جون به سُري ته شٽربند بند هڙتال ڪنداسين ۽ حڪمرانن کي مجبور ڪنداسين ته پيٽروليم شين ۽ بجلي جي قيمتن ۾ ظالماڻو اضافو واپس وٺن. هن چيو ته فوري طور تي مهانگائي جو شڪار قوم کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. عوام کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ آيل ماڻهن مانيٽرنگ ڪرڻ بدران عوام تي ظلم جا جبل ڪيرائي ڇڏيا آهن، هنن عوام کي مهانگائي جي دلدل مان ڪڍڻ لاءِ آرمي چيف جنرل عاصم منير کان به مطالبو ڪيو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان گڏ ويهي عوامي پاليسيون ٺاهيون وڃن. هنن چيو ته جڏهن چونڊيل عوامي نمائندن يا ماهر صنعتڪارن يا واپارين کي ناڻي وارو وزير مقرر نه ڪيو ويندو ته پوءِ معيشت صحيح رخ ۾ نه وڌندي. ان موقعي تي ترجمان ضياء احمد راجا، صدر مرڪزي انجمن تاجران راولپنڊي شرجيل مير، صدر نائن زيرو سينٽر راجا جاويد، طاهر تاج ڀٽي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. محمد ڪاشف چوڌري وڌيڪ چيو ته مهانگائي عام عوام جي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي، اٽي، کنڊ، گيهه ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ وڏي پئماني تي واڌ سبب عوام جي زندگي ۽ پاڪستان سان تعلق قائم رکڻ مشڪل ٿي ويو آهي. پيٽروليم شين ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ بجلي جي قيمتن ۾ بيحد اضافو ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button