اسلام آبادپاڪستان

ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ بجلي بلن ۾ گهٽتائي لا قدم کنيا وڃن:نگران وزيراعظم

اسلام آباد :نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ملڪ ۾ مهانگي بجلي خلاف عوام جي احتجاج بابت سڏايل هنگامي اجلاس ۾ ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ بجلي جي اضافي بلن ۾ گهٽتائي ۽ بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين پاران بجلي چوري کي روڪڻ لاءِ ٺوس قدمن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم روڊ ميپ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي اجلاس اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بجلي اگهن جي معاملي تي هنگامي اجلاس ۾ عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ۽ چيو ته تڪڙ ۾ اهڙو ڪو قدم ناهي کڻڻو جنهن سان ملڪ کي نقصان ٿئي. هن چيو ته اهڙا قدم کنيا ويندا جنهن سان ملڪي ناڻي تي بار نه پوندو ۽ صارفين کي سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته اهو ممڪن ناهي ته عام ماڻهو مصيبت ۾ هجي ۽ بيوروڪريٽس ۽ وزيراعظم انهن جي ٽيڪسز تي مفت بجلي استعمال ڪن. ڪالهه سڄي ملڪ ۾ بجلي جا ڳرا بل موڪلڻ خلاف ماڻهن طرفان روڊن تي نڪري احتجاج ڪرڻ بعد نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ بجلي جي ڳرن بلن جي معاملي تي هنگامي اجلاس ٿيو، اهو اجلاس ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهيو. اجلاس دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بجلي جو اگهه نيپرا طئي ڪندي آهي ۽ بجلي اگهن ۾ تبديلي ڪنزيومر پرائس انڊيڪس تحت ٿيندي آهي. ذريعن موجب نگران وزيراعظم عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان عوام ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته مان عام ماڻهو جي نمائندگي ڪريان ٿو، تنهن ڪري وزيراعظم هائوس ۽ پاڪستان سيڪريٽريٽ ۾ بجلي جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ رکڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن منهنجي ڪمري ۾ اي سي بند ڪرڻو آهي ته ضرور بند ڪريان. هن چيو ته بجلي جي بچت جي قدمن تي عملدرآمد ۽ جولاءِ جي اضافي بلن جي معاملي تي صوبائي وڏن وزيرن سان تفصيلي مشاورت به اڄ ڪئي ويندي. نگران وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنيون بجلي چوري کي روڪڻ لاءِ روڊ ميپ پيش ڪن ۽ بجلي جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارا منصوبا جلد کان جلد پيش ڪيا وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم بجلي چوري روڪڻ لاءِ به هنگامي قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون. بجلي بلن جي ستايل عوام کي فوري طور تي رليف ڏيڻ جو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي، بجلي جي اگهن ۽ بلن تي سڀاڻي وري اجلاس ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم بجلي بلن تي لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽون طلب ڪري ورتيون ۽ عوام کي رليف لاءِ تجويزون به طلب ڪيون. واضح رهي ته بجلي بلن ۾ واڌ خلاف عوام جو ٽئين ڏينهن به ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button