شوبز

ڊرامي حادثا جو موٽروي ريپ ڪيس سان تعلق ناهي: حديقا ڪياني

پاڪستان جي ڳائڻي ۽ اداڪارا حديقا ڪياني دعوا ڪئي آهي تھ ڊرامي حادثا جو موٽروي ريپ ڪيس سان تعلق ناهي. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ حديقا ڪياني ميزبان جي سوال جي جواب ۾ وضاحت ڪندي چيو تھ اسڪرپٽ پڙهڻ بعد ٽيم کان پڇيو هو، اهڙي ڪنهن بھ پراجيڪٽ جو حصو نھ ٿينديس. هن چيو تھ اهو سچ آهي تھ اسان جي سماج ۾ هر جڳهه تي عورت سان ريپ ۽ تشدد ٿيندو آهي. حديقا ڪياني جو چوڻ هو تھ سماج ۾ اهڙا واقعا ٿيندا رهن ٿا، پر مان اهڙي ڪنهن بھ پراجيڪٽ جو حصو نھ ٿينديس، جنهن ۾ تڪرار هجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button