رانديون

شاهين آفريدي ورلڊ ڪپ ۾ وڌيڪ وڪيٽون وٺندو: ويون رچرڊز

ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳُوڻي ڪپتان سر ويون رچرڊز شاهين آفريدي جي تعريف ڪندي چيو آهي تھ شاهين آفريدي ورلڊ ڪپ ۾ سڀني کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندو. سر ويون رچرڊز وڊيو بيان جاري ڪندي چيو تھ پي ايس ايل دوران مون پاڪستان ۾ شاهين سان گڏ وقت گذاريو، هو شاندار بالر آهي، ان ۾ وڪيٽون وٺڻ جي وڏي خوبي آهي. هوڏانهن انگلينڊ جي بالر ايلڪس هيلز جو چوڻ آهي تھ شاهين آفريدي جو کاٻي هٿ سان تيز سوئنگ بال ساڄي هٿ جي بيٽرن لاءِ خطرناڪ هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button