گلگت بلتستان

خانپورمهر ڀرسان ٽن پورهيتن جي گهرن کي باهه،سڙي خاڪ

خانپورمهر ڀرسان ڳوٺ مينهون ميتلو ۾ ٽن پورهيتن جي گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. متاثر پورهيتن ۾ علي احمد ميتلو، مٺو ميتلو ۽ عبدالله ميتلو شامل آهن. اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو بروقت نه پهچي سگهيو، جنهنڪري گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. جڏهن ته ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر باهه تي ضابطو نه آيو. گهرن ۾ پيل هنڌ، اناج سميت ٻيو سمورو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو آهي. هوڏانهن ڳوٺاڻن جو الهه تلهه سڙي رک ٿي وڃڻ ڪري هو کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. متاثر ڳوٺاڻن سرندي وارن کان واهر جي اپيل ڪئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button