سنڌ

نواب شاهه ۾ جهيمل شاخ جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف مظاهرو

نوابشاهه ۾ جھيمل شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف ھٿن ۾ سڪل گاهه کڻي پريس ڪلب ٻاهران مظاهرو ڪندي چيو ته اسان جھيمل شاخ جي پڇڙي جا آبادگار آھيون، اسان جي آبادگارن جو 6 مھينن کان پاڻي بند آھي. اسان جو فصل سڪي تباهه ٿي رھيو آھي. زمين سڪي بنجر ٿي وئي آھي، ايريگيشن کاتي جا عملدار منڍ جي آبادگارن کي رشوت عيوض پاڻي ڏئي اسان جي شاخ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ڪري اسان پڇڙي جا آبادگار انتھائي سخت پريشان آھيون. اسان جو ڪاھيل فصل سڪي تباهه ٿي رھيو آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته جھيمل شاخ ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي ته جيئن اسان پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي ملي سگھي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button