اسلام آباد

فيصل واوڊا جي تاحيات نااهلي خلاف درخواست رد

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا جي تاحيات نااهلي خلاف درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله درخواست تي ٻڌڻي ڪئي هئي ۽ فيصلو محفوظ ڪيو هو. چيف جسٽس اطهر من الله درخواست تي فيصلو ٻڌايو ۽ تاحيات نااهلي خلاف درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي رد ڪري ڇڏي. فيصلي ۾ چيو ويو ته ڊگھي عرصي تائين اليڪشن ڪميشن ۽ ڪورٽ جي آڏو فيصل واوڊا دير ڪندو رهيو، فيصل واوڊا شهريت ڇڏڻ جو سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ کان به انڪار ڪيو. عدالت جو چوڻ هو ته فيصل واوڊا جي ذميواري هئي ته لاڳاپيل اٿارٽي کان ٻٽي شهرت ڇڏڻ جو سرٽيفڪيٽ پيش ڪري پنهنجي نيڪ نيتي ثابت ڪري، هن نااهلي ڪيس ۾ ڪارروائي کان بچڻ لاءِ استعيفيٰ ڏني. واضح رهي ته فيصل واوڊا پنهنجي تاحيات نااهلي جي اليڪشن ڪميشن واري فيصلي کي چيلينج ڪيو هو. اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو هو ته فيصل واوڊا ٻن مهينن ۾ سمورا مالي مفاد ۽ مراعتون واپس ڪري، هن ڏوهه لڪائڻ لاءِ قومي اسيمبلي جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏني. ياد رهي ته فيصل واوڊا سنڌ مان پي ٽي آءِ جي سيٽ تي 3 مارچ 2021 تي سينيٽر چونڊيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button