اسلام آباد

چيف اليڪشن ڪمشنر ن ليگ جو ايجنٽ آهي، استعيفى ڏئي: عمران خان

اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته چاهيان ٿو ته سڏ ڏيان ته گهٽ ۾ گهٽ 20 لک ماڻهو اسلام آباد پهچن، اڄوڪا حڪمران پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ سڄي ملڪ کي غلامي ۾ ڌڪي ڇڏيندا، ملڪ تي سازش تحت امپورٽيڊ حڪومت مڙهي وئي آهي، امپورٽيڊ حڪومت سان آمريڪا اسان کي فتح ڪرڻ کان سواءِ ئي ڪنٽرول ڪندو، آمريڪا بوٽ پالش چيري بلاسم جي ذريعي اسان تي ڪنٽرول ڪندو، اين آر او ٽو جي ذريعي شريف ۽ زرداري خاندانن ۽ انهن جي ساٿارين جا ڪيس معاف ٿيندا، اين آر او ٽو سان انصاف جي نطام جي قبر کوٽي ويندي، چيف اليڪشن ڪمشنر (ن) ليگ جو ايجنٽ آهي، اسان ان کي ڪڏهن به تسليم نه ڪنداسين، ڪو اخلاقي جواز نه آهي جو اوهان هن عهدي تي رهو، اوهان کي استيعفا ڏيڻ گهرجي.

ايوان اقبال لاهور ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مان اوهان وٽ اوهان کي تياري ڪرائڻ آيو آهيان، هي پاڪستان لاءِ فيصلائتو وقت آهي، لاهور جي ڪارڪنن جو ايندڙ ڏينهن ۾ اهم ڪردار هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button