وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ حڪومت خرچ ۾ گهٽتائي آڻڻ لا ترقياتي بجيٽ ۾ هر قسم جي گاڏين جي خريداري ۽ نين ڀرتين تي پابندي، خالي جايون ختم ڪرڻ، سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن کي ملندڙ پيٽرول ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي جو اصولي فيصلو ڪيو آهي، جنهن لا وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال جي لا مالي ڪفايت شعاري پاليسي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ منظوري لا پيش ڪئي ويندي. ايڪسپريس وٽ موجود ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ تجويز ڪيل مالياتي سادگي واري پاليسي جي ڪاپي موجب صرف ايمبولينس، تعليمي ادارن لاءِ بسون ۽ سالڊ ويسٽ گاڏيون خريد ڪري سگهجن ٿيون، دستاويز موجب ترقياتي منصوبن لا گهربل جاين کان سوا هر قسم جي نين ڀرتين تي پابندي جي تجويز ڏني، ترقياتي منصوبن کان علاوه هر قسم جي ڊيلي ويجز ملازمن ۽ عارضي ملازمن (ڪنٽنجينٽ اسٽاف) جي ڀرتي تي پابندي هوندي، آفيس فرنيچر جي خريداري تي به پابندي هوندي، رڳو ترقياتي منصوبن لا فرنيچر خريد ڪري سگهجي ٿو، ايئرڪنڊيشنر، مائيڪرو ويوز، فرج، فوٽو ڪاپي سميت ٻي مشينري ۽ اوزان جي خريداري تي به پابندي هوندي. حڪومتي خرچ تي سرڪاري ملازمن جي پرڏيهه سفر تي پابندي لڳائڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته سرڪاري ملازم رڳو لازمي دورا ڪري سگهندا، ان کان علاوه پرڏيهي نمائندن ۽ وفد کان علاوه هر قسم جي سرڪاري مانجهاندي ۽ ها ٽي تي پابندي جي تجويز آهي. حڪومتي خرچ تي سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن جي لا اخبارون، رسالا ۽ ميگزين جي خريداري تي به پابندي جي تجويز آهي. سمورن وزارتن ۽ ڊويزن جي پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسرن کي مالي ڪفايت شعاري پاليسي تحت بجلي، گئس ۽ ٽيليفون سميت ٻين يوٽيلٽيز جي استعمال ۾ 10 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻڻي پوندي. دستاويزن موجب سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن کي ملندڙ پئٽرول ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي، سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن جي لا سرڪاري گاڏين جي استعمال کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ لا غير ضروري سفر روڪڻ جي تجويز آهي. جڏهن ته سرڪاري ميٽنگز زوم ۽ وڊيو لنڪ ذريعي ڪرڻ کي فروغ ڏيڻ جي تجويز کان علاوه خالي جاين، غيرپيداواري جاين ۽ بيڪار جاين کي ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف پي اينڊ پينشن ڪميشن جي لا سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافي جي لا سفارشون جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 30 جون 2022ع تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن سان ملازمن کي پگهارن ۾ اضافي بدران ايڊهاڪ رليف ملڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. هوڏانهن ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب بجيٽ سازي حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي، ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن ۾ بجيٽ مسودو تيار ڪري وفاقي ڪابينا جي آڏو منظوري لا پيش ڪيو ويندو. ذريعن موجب ايندڙ مالي سال جي لا بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 4 ڏهائي 9 سيڪڙو رکڻ جي تجويز آهي. جڏهن ته وفاق ۽ صوبن جي لا مجموعي ترقياتي بجيٽ 2184 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي، صوبن 1384 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ تجويز ڪئي آهي. ايندڙ مالي سال لا وفاق جو ترقياتي بجيٽ 800 ارب رپيا، ايم اين ايز جي پبلڪ اسڪيمن لا 91 ارب رپيا، پنجاب لا 585 ارب رپيا، سنڌ لا 355 ارب، خيبرپختونخوا جي لا 299 ارب رپيا، بلوچستان جي لا 143 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي. انفرا اسٽرڪچر جي تعمير لا 433 ارب رپيا خرچ ڪرڻ جو منصوبو آهي. ان کان علاوه ايندڙ مالي سال جي لا 1155 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته ايف بي آر جي لا ٽيڪس وصولي جو هدف 7255 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي، دفاع جي مد ۾ 1586 ارب رپيا خرچ ڪرڻ جي تجويز آهي. ايندڙ مالي سال دوران قرضن ۽ قرضن تي وياج جي ادائيگي جي مد ۾ 3523 ارب رپيا ادا ڪرڻ جي اندازو لڳايو ويو آهي، ايندڙ مالي سال دوران مجموعي خرچ جو اندازو 12994 ارب رپيا لڳايو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close