پاڪستان تحريڪ انصاف جي باغي ايم اين اي نور عالم خان پارٽي چيئرمين عمران خان خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي نور عالم خان، عمران خان تي آرٽيڪل 6 هڻڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته آرٽيڪل 6 نه هڻڻ تي وفاق خلاف آواز اٿندو رهندو، آئين کي جيڪو به پائمال ڪندي ان خلاف ڪارروائي ضرور هئڻ گهرجي. نور عالم خان چيو ته اهڙي ڪنهن به قرارداد ۾ ڪنهن جو نالو نه وجهڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪنهن اهڙي حرڪت ڪئي آهي ته ان خلاف آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ به ناڻي وارو وزير ايوان ۾ ناهي، بجلي ۽ گئس روزاني مهانگائي ٿي رهي آهي، جيڪڏهن آ ايم ايف سان معاهدو گذريل حڪومت ڪيو هو ته اهو اتي آڻيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close