حضور اڪرم ﷺ جي باري ۾ ڀارت جي حڪمران ڀارتيه جنتا پارٽي جي ٻن سينيئر عهديدارن پاران توهين آميز ريمارڪس جي پاڪ فوج سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، حڪومت پاڪستان پرڏيهي وزارت جي آَفيس ۾ ڀارتي ناظم الامور کي طلب ڪري سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو، سينيٽ ۾ مذمتي قرارداد منظور ڪندي سينيٽ چيئرمين رولنگ ڏني ته 10 جون تي سينيٽر پارليامينٽ هائوس کان ڀارتي سفارتخاني تائين ريلي ڪڍي احتجاج رڪارڊ ڪرائين. گڏ ڪيل ڄاڻ موجب پاڪ فوج جي ترجمان اداري آ ايس پي آر جي سربراهه پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته پاڪ فوج ڀارتي اختيارين پاران گستاخانا بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي، اهو هڪ افسوسناڪ عمل ۽ مسلمانن خلاف شديد نفرت جو واضح ثبوت آهي، ڊي جي آ ايس پي آر موجب ڀارت ۾ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن خلاف نفرت وارو رويو اختيار ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن پاڪستان حضور اڪرم ﷺ جي باري ۾ ڀارت جي حڪمران ڀارتيه جنتا پارٽي جي ٻن سينئر عهديدارن جي توهين آميز ريمارڪس جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ڀارتي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو آهي. سومر ڏينهن پرڏيهي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڀارتي ناظم الامور کي آگاهه ڪيو ويو ته اهي ريمارڪس مڪمل طور تي ناقابل قبول آهن ۽ ان سان نه رڳو پاڪستاني عوام پر سڄي دنيا جي مسلمانن جي جذبن کي ڌڪ لڳو آهي، ڀارتي سفارتڪار کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان بي جي پي حڪومت پاران ڄاڻايل عهديدارن جي تاخيري ۽ بي ڪار قانوني ڪارروائي جي قدمن تي افسوس جو اظهار ڪري ٿو، جنهن سان مسلمانن جي درد کي گهٽ نٿو ڪري سگهجي. بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان کي ڀارت ۾ مسلمانن جي خلاف فرقيواراڻي تشدد ۽ نفرت ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي تي گهري ڳڻتي آهي، ڀارت ۾ مسلمانن کي منظم طريقي سان بدنام ڪيو پيو وڃي، کيس پوئتي رکيو پيو وڃي ۽ کين بنياد پرست هندو هجوم جي منظم حملي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جنهن ۾ انتهاپسندن کي ڀارت جي مختلف رياستن جي سيڪيورٽي ادارن جي مڪمل حمايت حاصل آهي. ترجمان چيو ته ڀارت ۾ مسلمان مخالف جذبن جو وڌڻ ۽ مرڪزي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ سان گڏوگڏ فضول تاريخي دعوائن جو حوالو ڏئي مسلمانن کي انهن جي صديون پراڻي عبادتگاهن کان محروم ڪرڻ جي وڌندڙ ڪوششون ڀارتي معاشري ۾ اسلامو فوبيا جي واضح نتيجن کانسواءِ ڪجهه نه آهي. بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان بي جي پي جي قيادت ۽ ڀارتي حڪومت تي پرزور مطالبو ڪري ٿو ته هو بي جي پي جي عهديدارن جي توهين آميز ريمارڪس جي واضح طور تي مذمت ڪري ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته انهن جي خلاف فيصلائي ۽ قابل عمل ڪارروائي جي ذريعي انهن کان جوابدهي ڪئي وڃي، ڀارتي حڪومت کي عالمي قانونن تحت پنهنجي ذميدارين جي باري ۾ به ياد ڏياريندي چيو ويو ته هو اقليتن کي انساني حقن جي خلاف ورزين کان بچائڻ لاءِ فوري قدم کڻي، انهن جي حفاظت، سلامتي ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائي ۽ کين امن سان پنهنجي عقيدن تي هلڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، پاڪستان عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته هو ڀارت ۾ خطرناڪ حد تائين وڌندڙ “هندوتوا” سبب متاثر اسلامو فوبيا جو نوٽيس وٺي ان کي روڪي ۽ ڀارت ۾ اقليتن جي خلاف انساني حقن جي منظم خلاف ورزين کي روڪڻ لاءِ ڀارتي عملدارن تي دٻاءُ وجهي. ٻئي پاسي سينيٽ ڀارت ۾ حڪمران جماعت بي جي پي جي ميمبر طرفان توهين رسالت خلاف مذمتي ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سينيٽ چيئرمين رولنگ ڏني ته 10 جون تي پارليامينٽ ميمبر پارليامينٽ هائوس کان ڀارتي سفارتخاني تائين مارچ ڪنداسين. اسان پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائينداسين. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ ڀارتي حڪمران جماعت بي جي پي جي ميمبر طرفان گستاخانه بيان خلاف مذمتي ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. مذمتي ٺهراءُ سليم مانڊوي والا پيش ڪيو، جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو ته حڪومت پاڪستان ڀارت خلاف گڏيل قومن ۾ احتجاج ڪري، معاملي تي او آءِ سي جو هنگامي اجلاس گهرائي ڀارتي شين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو وڃي ۽ حڪومت اسلاموفوبيا خلاف عملي قدم کڻي. ان کان اڳ سينيٽر عطاءُ الرحمان تجويز ڏني ته ختم نبوت واري معاملي تي سيينٽر پارليامينٽ هائوس کان ڀارتي سفارتخاني تائين ريلي ڪڍن، جنهن تي سينيٽ چئيرمين رولنگ ڏني ته 10 جون جمعي واري ڏينهن جمعي نماز بعد سينيٽ جا ميمبر پارليامينٽ هائوس کان ڀارتي سفارتخاني تائين ريلي ڪڍندا ۽ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته گستاخانه بيان خلاف منهنجي صحيح ٿيل مذمتي ٺهراءُ جي ڪاپي گڏيل قومن جي آفيس ۾ جمع ڪرائي ويندي، جتي ايوان جو ٽي رڪني وفد گڏيل قومن جي آفيس ۾ ويندو ۽ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو. ان کان علاوه اقليتي سينيٽر دنيش ڪمار چيو ته بي جي پي اڳواڻن جي توهين آميز لفظن سان مسلمانن جون دليون ڏکيون آهن، هي بي جي پي جو بيان آهي هندو مذهب جو بيان ناهي. هن چيو ته جڏهن توهان ڀارتي سفارتخاني ويندا ته مان سربراهي ڪري ڀارت کي واضح پيغام ڏيندس ته ان عمل تي مونکي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close