
مسلم ليگ ق جي صدر چوڌري شجاعت حسين جي ننڍي ڀا چوڌري وجاهت جي پٽ حسين الاهي ق ليگ کي الوداع ڪري ڇڏيو. چوڌري حسين الاهي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ق ليگ سان پنهنجو سياسي سفر ختم ڪري رهيو آهيان، هميشه اهو ئي چيو آهي ته منهنجي لا منهنجو ملڪ سڀني کان پهرين آهي. هن چيو ته ان پارٽي جو حصو نه ٿو ٿي سگهان جيڪا شهباز شريف جي حمايت ڪري، مستقبل جو فيصلو مونس الاهي سان گڏجي ڪندس.