
آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪ فوج هڪ پيشيور ادارو هئڻ سبب پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختياري جي حوالي سان پنهنجي ذميوارين کي هميشه هڪ مقدس فرض طور تي پورو ڪندي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آ ايس پي آر موجب جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت ۾ 80هين فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪور ڪمانڊرز، پرنسپل اسٽاف آَفيسرز ۽ پاڪ فوج جي سمورن فارميشن ڪمانڊرز شرڪت ڪئي. آ ايس پي آر موجب شرڪت ڪندڙن کي پيشيوراڻي معاملن، قومي سلامتي جي چئلينجز ۽ جوابي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد آپريشن ردالفساد جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ هينئر تائين جي ڪاميابين جي تعريف ڪئي. آرمي چيف جيو اسٽريٽيجڪ ماحول کي تيار ڪرڻ جي تناظر ۾ آپريشنل تياري جي اعلى معيار کي برقرار رکڻ تي خصوصي زور ڏنو. آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج هڪ پيشيور ادارو هئڻ سبب پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختياري جي حوالي سان پنهنجي ذميوارين کي هميشه هڪ مقدس فرض طور تي پورو ڪندي. پاڪ فوج ملڪي سلامتي، خودمختياري جي تحفظ لا هميشه پنهنجي پيشيوراڻي ذميواري پوري ڪندي.