
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر اڳوڻي وفاقي وزير شوڪت ترين جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي لڳايل الزامن جي ترديد ڪئي آهي. هڪ بيان ۾ آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته صحافي شاهين صهبائي ۽ ٻين ماڻهن طرفان سوشل ميڊيا تي شوڪت ترين جي حوالي سان بي بنياد پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي جيڪا غلط ۽ بي بنياد آهي، خود شوڪت ترين پڻ ان جي ترديد ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب ذاتي مفادن جي لاءِ اداري ۽ قيادت خلاف بدنيتي تي ٻڌل الزام ۽ ڪوڙ هڻڻ مذمت جوڳو آهي. ترجمان پاڪ فوج واضح ڪيو ته ادارو اهڙي حرڪت ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف قانوني ڪارروائي جو حق رکي ٿو. ٻئي پاسي شوڪت ترين پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ مان ڪنهن به مونکي عمران خان کي ڇڏي شهباز حڪومت ۾ وڃڻ لاءِ ناهي چيو، واضح طور تي ان ڳالهه جي ترديد ڪيان تو جيڪا مون سان منسوب ڪئي وئي آهي.