نيپرا اپريل جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ 3 رپيا 99 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن جو نوٽيفيڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. سي پي پي اي چار رپيا پنج پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي، اٿارٽي 31 مئي 2022 تي ايف سي اي تي ٻڌڻي ڪئي هئي، هن کان اڳ مارچ جو ايف سي اي واهپيدارن کان 2 رپيا 86 پئسا چارج ڪيو ويو هو، جيڪو صرف هڪ مهيني لاءِ هو، اپريل جو ايف سي جون ۾ چارج ڪيو ويندو، اهو صرف جون جي مهيني جي بلن تي لاڳو ٿيندو. جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن موجب فيول پرائز ايڊجسٽمنٽ تحت قيمتن ۾ اضافو ڪي اليڪٽرڪ ۽ لائيف لائين واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close