اسلام آباد

روس يوڪرين جنگ سبب وڌيڪ غذائي عدم تحفظ جو خطرو آهي: بلاول ڀٽو

پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي روس جي دوري کي سندس خلاف بي اعتمادي سان ڳنڍڻ وڏي غلط فهمي آهي، اهو جو ثبوت اهو آهي ته روس يوڪرين تڪرار ۾ عمران حڪومت جيان اسان به غيرجانبدار آهيون، روس يوڪرين جنگ سبب اسان کي وڌيڪ غذائي عدم تحفظ جو خطرو آهي، مهانگائي جي صورت ۾ ان جنگ جو پاڪستان جي عوام سميت پوري دنيا کي نقصان ٿي رهيو آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته عمران خان جو روس جو دورو سندس حڪومت وڃڻ جو سبب هجي ها ته اسان اڄ اسان جو موقف ان جنگ بابت ٻيو هجي ها، روس يوڪرين معاملي تي پاڪستان ڪالهه به غيرجانبدار هو ۽ اڄ به آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ خوراڪ جو عدم تحفظ اسان جي لاءِ وڏو مسئلو آهي، يوڪرين جي جنگ کان اڳ پاڪستان يوڪرين کان ڀاڻ، ڪڻڪ ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون خريد ڪندو هو. ان جنگ جي ڪري اسان کي وڌيڪ غذائي عدم تحفظ جو خطرو آهي، اسان چاهيون ٿا ته ڌرين وچ ۾ هن تڪرار کي سفارتڪاري ۽ ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي، اسان چاهيون ٿا ته هي جنگ جلد ختم ٿئي، مهانگائي جي صورت ۾ ان جنگ جو پاڪستان جي عوام سميت پوري دنيا کي نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪ ايران گئس پائيپ لائين جو بنياد آصف علي زرداري رکيو هو. اسان پابندين کي نظر ۾ رکندي هن منصوبي ۾ مثبت اڳڀرائي چاهيون ٿا، هن منصوبي جي فريم ورڪ ۾ اڳڀرائي چاهيون ٿا، پاڪ ايران لاڳاپن ۾ تمام گهڻي گنجائش موجود آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو زرعي زمينن تي هائوسنگ سوسائٽين جي خلاف آهي، اسان پنهنجي زرعي نظام کي صحيح هلائينداسين ته پنهنجي ضرورت پوري ڪرڻ کان علاوه دنيا کي به کارائي سگهون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button