ڀارت ۾ توهين رسالت خلاف حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن قومي اسيمبلي ۾ شديد ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڀارت سان سفارتي لاڳاپا، ڀارتين شين جي بائيڪاٽ ۽ سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چيو ته ڀارت کي اکيون ڏيکارڻ جو وقت اچي ويو آهي، ايئن صحيح نه ٿيندو، ان کي درست ڪرڻو پوندو، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڀارت ۾ توهين رسالت خلاف بحث ڪيو ويو، اسيمبلي ميمبر سيد عمران احمد شاهه چيو آهي ته ڀارت ۾ توهين رسالت سان ٻه ارب مسلمانن جي دل آزاري ٿي، ڀارت ۾ توهين رسالت تي هي ايوان رڳو قرارداد منظور ڪرڻ تائين نه رهي ۽ نه ئي تقريرن تي ڪم ٿيندو، حڪومت کان مطالبو آهي ته ته ڀارت سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪيا وڃن ۽ ڀارتي شين جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي، ڀارت ۾ توهين رسالت جو معاملو او آءِ سي ۾ اٿاريو وڃي. جماعت اسلامي جي ميمبر مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم سان محبت ايمان جو حصو آهي، هندستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ناقابل برداشت ۽ ناقابل معافي ڏوهه آهي، حڪومت ڀارت سان لاڳاپا ختم ڪري 24 ڪلاڪن اندر سفير کي ملڪ بدر ڪري. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور چيو ته اڄ پوري امت مسلمه جا دل ۽ جگر زخمي ۽ دماغ پريشان آهي، انساني حقن جا علمبردار اڄ خاموش تماشائي ڇو آهن؟ گستاخن کي عالمي رحمت اللعالمين ڪانفرنس گهرائي واضح پيغام ڏنو وڃي ته ڪنهن کي به اها اجازت نه ڏني ويندي ته هو رسول الله جي حرمت جي حوالي سان گستاخي ڪري. هن وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو ته هو گڏيل قومن، جنرل اسيمبلي ۽ او آ سي ۾ آواز اٿارڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڀارت کي اکيون ڏيکارڻ جو وقت اچي ويو آهي، اهو ائين صحيح نه ٿيندو، ان کي صحيح ڪرڻو پوندو. جي ڊي اي ميمبر غوث بخش مهر چيو ته رڳو قراردادمنظور ڪرائڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، هڪ اعلى سطحي وفد جوڙي ڀارت خلاف عملي قدم کنيو وڃي، هن چيو ته مسلمان ملڪن کي چيو وڃي ته ڀارت جي غيرمسلمانن کي نوڪرين تان ڪڍيو وڃي، ان حوالي سان عملي قدم کنيو ويندو ته ڀارت تي دٻا ايندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close