پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ لا وڏي پئماني تي سفارتي ڪوششون شروع ڪري ڏنيون آهن، جرمني ۽ آمريڪا سميت ٻين اهم ملڪن فيٽف ايڪشن پلان تي پاڪستان طرفان ڪيل اهم اڳڀرائي تي گري لسٽ مان نڪرڻ جي حوالي سان تعاون تي جزوي آمادگي ظاهر ڪئي آهي، جنهن ڪري پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان نڪرڻ جا امڪان روشن آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ مملڪتي وزير حنا رباني کر جي تازن دورن ۾ فيٽف جي حوالي سان اهم ڳالهيون ٿيون آهن، جنهن ۾ اهم ملڪن طرفان پاڪستان لا نرم رويي جو اظهار ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب فيٽف ايڪشن پلان جي تقريبن سمورن نڪتن تي عملدرآمد ٿي چڪو آهي رڳو سزا جي حوالي سان عملدرآمد ٿيڻ باقي آهي، ان حوايل سان پراسيڪيوشن بابت پاڪستان اهم اڳڀرائي ڪري چڪو آهي،سموريون لاڳاپيل ترميمون پڻ ٿي چڪيون آهن ۽ پاڪستان جو موقف آهي ته پوري دنيا جيان پاڪستان ۾ به غيرجانبدار، آزاد ۽ صاف ۽ شفاف عدالتي نظام موجود آهي، مروجه قانوني طريقي مطابق ئي مني لانڊرنگ ۽ ٽيررازم فنانسنگ جي ڪيسن ۾ سزا ٿي سگهي ٿي، جيتوڻيڪ ان معاملي ۾ پراسيڪيوشن جي نظام ۾ موجود خاميون ختم ڪيون ويون آهن. ذريعن موجب ايف اي ٽي ايف جو اهم اجلاس اڄ 14 کان 17 جون تائين جرمني جي شهر برلن ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي گري لسٽ مان نڪرڻ جا امڪان روشن آهن، ڇاڪاڻ ته پاڪستان 34 مان 32 نڪتن تي عملدرآمد ڪري ورتو آهي. ناڻي وزارت موجب پاڪستان فيٽف جي 2 مختلف پلانز تحت 34 مان 32 نڪتن تي عملدرآمد مڪمل ڪيو آهي، ايف اي ٽي ايف جي 2018 جي ايڪشن پلان تي 27 مان 26 نڪتن جڏهن ته 2021ع جي ايڪشن پلان تحت 7 مان 6 تي عملدرآمد ڪيو آهي. اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي نمائندي مملڪتي وزير حنا رباني کر ڪندي، جنهن لا پرڏيهي وزارت حڪمت عملي طئي ڪري ورتي آهي. اجلاس ۾ پاڪستان بابت سڀاڻي 15 ۽ 16 جون تي غور ڪيو ويندو، اميد آهي ته پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان نڪري ايندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close